اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان باهه، 15 ڪکانوان گهر سڙي رک، 3 ٻڪريون ۽ 4 گڏهه سڙي ڪوئلو، خبر موجب ڳوٺ سوري جو تڙ ۾ ميگهواڙ برادري جي گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 پورهيتن جا گهر سڙي رک ۽ 3 ٻڪريون ۽ 4 گڏهه سڙي مري ويا، متاثرن ۾ هريش ڪمار، طوطو ميگهواڙ، کٽومل، ڀومون ميگهواڙ، مرچو ميگهواڙ، گومندو ميگهواڙ،آنٻو ميگهواڙ، اگرو ميگهواڙ، گلو، اشوڪ ميگهواڙ ۽ ٻيا شامل آهن، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل فصل، هنڌ، کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي، گهر نه هجڻ سبب کليل آسمان هيٺان ويٺل آهيون، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.