اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان پلاٽ تڪرار تان هٿياربندن جو گهرن تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل، 5 ڄڻا زخمي، متاثر ڌر جو بااثر ٺيڪيدار تي حملي جو الزام، خبر موجب ڳوٺ سينهار نانگڙ ۾ نهڙيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پلاٽ جي پراڻي تڪرار تان هٿياربندنگهرن تي  حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو 25 ورهين جو نظر محمد نهڙيو ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏھن ته 5 ڄڻا توڳاچي نهڙيو، الله ورايو، منٺار، جبار ۽ رياض زخمي ٿي پيا، اطلاع تي جهن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسلام ڪوٽ اسپتال آندو، جتان مقتول نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي بعد  وارثن حوالي ڪيو ويو، متاثر ڌر الزام هنيو ته ٺيڪيدار شوڪت لاکو ۽ نورو لاکو پلاٽ جي معمولي تڪرار تان مخالفن سان گڏجي رات جي وقت گهرن تي حملو ڪري نوجوان کي قتل ۽ 5 ڄڻن کي زخمي ڪيو، هنن چيو ته ساڳين هٿياربندن 4 ڏينهن اڳ پڻ عزيز ساهڙ جي گهر تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ بعد کين گهرن مان بي دخل ڪيو هو، هنن چيو ته حملي آورن کي بااثر سياسي ڌر جي پٺڀرائي حاصل آهي، واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، هوڏانهن جهن پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پلاٽ جي مالڪي تان ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ پنج زخمي ٿيا آھن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.