اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان نوجوان ناري مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڳوٺ ٻورلي موسيپوٽا ۾ 22 ورهين جي ناري  سيتا ڌيءُ ڦوٽو ميگهواڙ  گهر جي اندر وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو  انت آڻي ڇڏيو،اطلاع تي پوليس  پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان  پوليس موجب ته ناري گهرو ڪم تان مائيٽن سان ناراض ٿي آپگهات ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.