اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ٿر ۾ غربت انساني جانيون ڳڙڪائڻ لڳي، غريب مائٽن پاران ڪپڙا نه وٺي ڏيڻ تان نوجوان ناري ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ سرنگهواري ۾ 17 ورهين جي ناري  سپنا ڀيل گهر ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي جهانگرو پوليس پهچي ناري جو لاش اسلام ڪوٽ اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب وارثن جو چوڻ هو ته گذريل  ٻن ڏينهن کان ناري نوان ڪپڙا وٺي ڏيڻ جو ضد ڪري رهي هئي، مائٽن وٽ ڪپڙا وٺي ڏيڻ جيترا  پئسا نه هئا، ناري کي سمجهايو ته فصل تيار ٿين ته تون کي نوان  ڪپڙا وٺي ڏياريا ويندا، پر هوءَ گهر ڪندي رهي جنهن تان والد کيس دڙڪا ڏنا جنهن تان ڪاوڙجي هن ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، پوليس موجب معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي،