اسلام ڪوٽ (ن پ ا ) اسلام ڪوٽ ۾ زيادتي جو نشانو بڻجڻ بعد آپگهات ڪندڙ ناري جي ڀاءُ جو گهر مان ٽنگيل لاش هٿ، جوابدارن جي ڌمڪين سبب آپگهات ڪرڻ جا چوٻول، خبر موجب شهر جي ٽيچرز ڪالوني ڀرسان هڪ جڳھه مان 35 ورهين جي دڪاندار جهامن ميگهواڙ جو ٽنگيل حالت ۾ لاش مليو، پاڙي وارن ٽنگيل لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس پهچي لاش اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن جي حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ ڪوئنرل جو رهواسي هو، جيڪو اسلام ڪوٽ ۾ دڪان هلائيندو هو، ذريعن موجب ڪجھه عرصو اڳ نوجوان جي ڀيڻ سان بااثر  جوابدارن زيادتي ڪئي هئي، جنهن بعد ناري خودڪشي ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد  ٺڪر برادري جا بااثر جوابدار نوجوان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهندا هئا ۽ کيس ڌمڪيون ڏيندا هئا، جنهن ڪري هو اڪثر پريشان رهندو هو، ذريعن موجب واقعي بعد نوجوان وياج تي ڪجهه قرض به کنيو هو، جيڪي پئسا واپس ڪرڻ لاءِ وياجي پڻ تنگ ڪندا هئا، ذريعن موجب نوجوان پريشانين کان تنگ اچي آپگهات ڪيو آهي.