اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ڪورونا تي ضابطي لاءِ فوج ذميواري سنڀالي ورتي، اسلام آباد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، پوليس ۽ پاڪ فوج جي جوانن گڏجي ڪاروباري مرڪزن ۾ ڪورونا ايس او پيز جو جائزو ورتو، 2 هوٽل سيل ڪيا ويا، هڪ لک رپيا ڏنڊ لڳايو ويو، اسلام آباد ۾ ضلعن وچ ۾ هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جي حڪمن تي عمل به شروع ڪيو ويو، ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون سميت شهر ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند رهندي پر ميڊيڪل ۽ ايمرجنسي سروسز تي پابندي ناهي. هوڏانهن پنجاب حڪومت به پاڪ فوج جون خدمتون گهري ورتيون آهن. ذريعن موجب پنجاب جي گهرو وزارت طرفان پاڪ فوج جي 5 ڪمپنين جون خدمتون گهريون ويون آهن ته جيئن پاڪ فوج جا جوان ضلعي انتظاميه سان گڏ ملي ايس او پيز تي عمل ڪرائين. هوڏانهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته اسان لاڪ ڊائون لاءِ به تيار آهيون، ضرورت پئي ته فوج گهرائينداسين.جيڪڏهن ڪورونا صورتحال خراب ٿي وئي ته لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪنداسين.