اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ سليمان شھباز کي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

0
316

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان سليمان شهباز کي 13 ڊسمبر تائين سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، عدالت ايف آءِ اي کي سليمان شهباز کي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آھي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سليمان شهباز جي حفاظتي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته حفاظتي ضمانت لاءِ درخواستگذار جو موجود هجڻ ضروري آهي

سليمان شهباز جي وڪيل امجد پرويز عدالت کي ٻڌايو ته سليمان شهباز 11 ڊسمبر تي پاڪستان پهچندو

گذريل ڏينهن سليمان شهباز حفاظتي ضمانت لاءِ پنهنجي وڪيل معرفت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي

ھي به پڙھندا

جلاوطني ختم ڪرڻ جو فيصلو: وزيراعظم جو پٽ سليمان برطانيا کان ڏيهه واپسي لاءِ روانو