اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ايمان مزاري خلاف ڪيس خارج ڪري ڇڏيو

0
338

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايمان مزاري خلاف ادارن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ جو ڪيس خارج ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، ٻڌڻي دوران ايمان مزاري وڪيل سوڌو عدالت ۾ پيش ٿي

 چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ايمان مزاري آفيسر آف ڪورٽ آهي، کيس اهڙا لفظ نه ڳالهائڻ گهرجن ها، ايمان مزاري معذرت ڪري ورتي آهي، هاڻي ڇا چاهيو ٿا؟

 دفاعي وزارت جي وڪيل چيو ته ايمان مزاري کي پريس ۾ معافي وٺڻ گهرجي،  ايمان مزاري نياڻين جيان آهي، پر سندس پُراڻو ڪنڊڪٽ به ڏسڻ گهرجي

 عدالت ايمان مزاري جي درخواست منظور ڪندي سندس خلاف ڪيس خارج ڪري ڇڏيو آھي، ايمان مزاري پنھنجي امڙ شيرين مزاري جي گرفتاري بعد ادارن خلاف ڳالھايو ھو

ھي به پڙھندا

اسلام آباد پوليس ايمان مزاري ۽ بلوچ شاگردن خلاف ڪيس واپس وٺي ڇڏيو