اسلام آباد (م ڊ) پي آءِ اي پيسا نه ڏنا،  ٺيڪيدار مرغي جي سپلاءِ روڪي ڇڏي، اسلام آباد کان جده ويندڙ اڏام ۾ کائڻ لاءِ دال ۽ سبزي ڏني وئي، جنهن تي مسافر ڪاوڙجي پيا، اڏامن ۾ مسافرن کي مرغي جو ڊش لازمي ڏنو ويندو آهي، ترجمان پي آءِ اي چيو آهي ته صرف جده ويندڙ هڪ اڏام ۾ دال ۽ سبزي ڏني وئي، باقي اڏامن ۾ کاڌو مينيو مطابق ڏنو پيو وڃي.