اسلام آباد پوليس جڊيشل ڪمپليڪس ويندڙ رستا سيل ڪري ڇڏيا

0
177

اسلام آباد: پوليس جڊيشل ڪمپليڪس ويندڙ رستا سيل ڪري ڇڏيا، اسلام آباد پوليس حڪومت جا غيرقانوني حڪم مڃي رهي آهي، پي ٽي آءِ طرفان پوليس تي عمران خان جي وڪيلن کي روڪڻ جا الزام هنيا ويا آهن

پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز ۽ بابر اعواڻ طرفان جڊيشل ڪمپليڪس پهچي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو

بابر اعواڻ عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي چيو آهي ته پوليس ۽ انتظاميا سيڪيورٽي جي نالي تي ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ جي حڪمن باوجود صورتحال سنگين آهي، کُليل عدالت ۾ وڪيلن ۽ ميڊيا تي پابندي جو ڪوبه جواز ناهي، عدالت کي سيڪيورٽي جي ناقص انتظامن جو نوٽيس وٺڻ جي استدعا

هي به پڙهندا

توشه خانه ڪيس: عمران خان اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي لاءِ زمان پارڪ کان روانو