اسلام آباد: وزيراعظم جي گهر ڀرسان فائرنگ

0
327

اسلام آباد(بيورو) بني گالا ۾ وزيراعظم عمران خان جي رهائش گاهه ويجهو فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ بني گالا ۾ وزيراعظم عمران خان جي رهائش گاهه ڀرسان عمران خان چوڪ تي ڪئي وئي آهي، گاڏي نمبر 051 ALI ڪرولا ڪار اڇي رنگ ۾ ويٺل 4 ڄڻن عمران خان چوڪ تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ جهانزيب نثار، عبدالمعيز، مصطفيٰ حسين ۽ حسنين شامل آهن، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڪندڙ شراب جي نشي ۾ هئا، فائرنگ ايم ايم 9 پستول سان ڪئي وئي ۽ چارئين جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي..