اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنڌ ۽ بلوچستان پوليس کي شيخ رشيد خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو

0
201
عمران خان فوج ۽ حڪومت

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنڌ ۽ بلوچستان پوليس کي شيخ رشيد خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو، جسٽس طارق محمود جهانگيري تي ٻڌل سنگل بينچ شيخ رشيد جي گرفتاريءَ تي توهين عدالت ۽ ڪراچي منتقلي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي هلائي

شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته شيخ رشيد کي نامعلوم هنڌ تي 6 ڪلاڪن تائين رکي ڪرسي سان ٻڌو ويو، جسٽس طارق محمود جهانگيري رمارڪس ڏيندي چيو ته مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اهو سلسلو ڪٿي وڃي رڪجندو

عدالت شيخ رشيد خلاف ڪراچي جي موچڪو ٿاڻي ۽ بلوچستان جي حب ٿاڻي تي داخل ڪيسن ۾ پوليس کي شيخ رشيد خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو، ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن

هي به پڙهندا

آصف زرداري خلاف نفرت ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ شيخ رشيد اڊيالا جيل منتقل