اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو شيرين مزاري کي رات ساڍي 11وڳي پيش ڪرڻ جو حڪم

0
184
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
شيرين مزاري کي رات ساڍي 11وڳي پيش ڪرڻ جو حڪم

تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي گرفتاري خلاف درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شيرين مزاري جي ڌيءُ ايمان مزاري جي درخواست تي حڪمنامو جاري ڪيو

عدالت حڪم ڏنو آهي ته گهرو سيڪريٽري يقيني بڻائي ته شيرين مزاري کي اڄ رات ساڍي يارهين وڳي پيش ڪيو وڃي

حڪمنامي ۾ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي