اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڊيالا جيل کي حراستي مرڪز قرار ڏئي ڇڏيو

0
264
تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڊيالا جيل کي حراستي مرڪز قرار ڏئي ڇڏيو، اڊيالا جيل ۾ قيدين تي مبينا تشدد ۽ غير انساني رويي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آھي

Adiala Jail has 257% more prisoners than sanctioned capacity: report

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته قيدين جي درخواست ۾ لڳايل الزام بادي النظر ۾ بي بُنياد نه آهن، ڳجهي رپورٽ موجب اڊيالا جيل کي قانون تحت هلائڻ بدران حراستي  ڪئمپ بڻايو ويو آهي

عدالت موجب جيل ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿيندي آهي، عدالت انساني حقن جي ڪميشن کي قيدين سان غير انساني رويي واري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ٿي، عدالت طرفان ڪميشن کي جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي