اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عمران خان جا وارنٽ معطل ڪرڻ واري درخواست خارج ڪرڻ وارو سيشن ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪيو ويو، عمران کي اڄ سيشن ڪورٽ ۾ لازمي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن ۽ اسلام آباد پوليس کي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي. عمران خان توشا خانه ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جو سيشن ڪورٽ وارو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو، جنهن ۾ چيو ويو ته سڀاڻي اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ پاڻ پيش ٿيندس، انڊر ٽيڪنگ تسليم ڪري پوليس کي گرفتاري کان روڪيو وڃي. چيف جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل 2 رُڪني بئنچ درخواست تي ٻڌڻي هلائي، عمران خان جي درخواست تي رجسٽرار آفيس طرفان واريل اعتراض ختم ڪيا ويا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان يقيني بڻائي ته سندس پيشي جي موقعي تي  امن امان جي صورتحال پيدا نه ٿئي.، اسلام آباد پوليس ۽ انتظاميا ايس او پيز جوڙن، جنهن تحت عدالت ويجهو ڪجهه ماڻهو رهن ته جيئن اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي، عدالتي وقت دوران پيشي لاءِ پوليس عمران کي گرفتار نه ڪندي، عمران پيش نه ٿيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي. جڏهن ته عمران خان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ داخل ڪيسز ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي،  درخواست ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، اسلام آباد سوڌو چئني صوبن جي آءِ جيز ۽  ڊي جي ايف آءِ اي کي ڌُر بڻايو ويو،  درخواست ۾ عمران خان موقف اختيار ڪيو ته رجيم چينج بعد لاڳيتو پوليس جي نشاني تي آهي، حياتي کي خطرو ۽ عدالتي ڪارروائي لاءِ اسلام آباد آمد تي گرفتاري جو خدشو آهي. درخواستن ۾ چيو ويو ته انصاف تائين پهچ ۽ شفاف ٽرائل سوڌو سمورا بُنيادي حق سلب ڪيا پيا وڃن.