اسلام آباد: نيشنل گـــِرڊ ۾ خرابي سبب بجليءَ جو ملڪ گير بريڪ ڊائون

0
211

اسلام آباد: نيشنل گرڊ ۾ خرابي سبب اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح ساڍي ست وڳي بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب شهر جو 90 سيڪڙو حصو بجلي کان محروم آهي

 

جن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي انهن ۾ گلستان جوهر، گلشن جمال، راشد منهاس روڊ، رونگي، ملير، قيوم آباد، گذري، ڊفينس، اولڊ سٽي ۽ ٻيا علائقا شامل آهن، ڪي اليڪٽرڪ ذريعن جو چوڻ آهي ته بريڪ ڊائون جو امڪاني سبب نيشنل گرڊ ۾ خرابي آهي، بجلي جي مڪمل بحالي ۾ 5 کان 6 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا

سنڌ جي راجڌاني شھر ڪراچي کي پاڻي سپلائي ڪندڙ واٽربورڊ جي ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿيڻ سبب پمپنگ  اسٽيشن بند ٿيڻ سان پاڻي جي بيڪ پريشر سان 72 انچ قطر جي 5 نمبر لائن ڌماڪي سان ڦاٽي پئي

HESCO BoD Reconstituted For A Period Of 3 Years - UrduPoint

واٽر بورڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي لائن ڦاٽڻ سبب ڪراچي کي پاڻي جي سپلائي معطل ٿيڻ سان شھر ۾ پاڻي جي شديد بحران  جو خدشو آهي، شهري احتياط سان پاڻي استعمال ڪن

ڄامشورو ريجنل سينٽر جي 500 ڪي وي سرڪٽ ۾ فالٽ اچڻ سبب حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ بدين سميت 13 ضلعن کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي

حيسڪو ترجمان موجب صبح جو 7 لڳي 35 منٽ تي ريجنل سينٽر پاران حيسڪو کي آگاهي ڏني وئي، 500 ڪي وي سسٽم ۾ ٽرپنگ سبب 78 گرڊ اسٽيشنن کي بجلي فراهمي معطل ٿي وئي، اين ٽي ڊي سي عملو ٽيڪنيڪل فالٽ ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي

بجلي جي مين سپلائي ڄامشورو کان ٽرپ ٿيڻ سبب ٺٽي جي مين مڪلي گرڊ اسٽيشن، جهمپير گرڊ اسٽيشن، ساڪرو، پير پٺو، سجاول سميت حيدرآباد ڊويزن جي سمورن گرڊ اسٽيشنز ذريعي فيڊرز کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي

دادو، سانگهڙ، ڪنڊيارو، فيض گنج تعلقي ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون سبب سمورا فيڊر صبح کان بند پيل آهن ۽ بجلي نه هئڻ ڪري بجلي تي هلندڙ ڪم ڪار به بند ٿي ويو

K-Electric feels the heat on Twitter as load-shedding complaints pile up

بلوچستان جي سمورن ضلعن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي ۽ ان حوالي سان ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (سيسڪو) اختيارين جو چوڻ آهي ته گڊو کان ڪوئيٽا ويندڙ بجلي جون ٻئي ٽرانسميشن لائينون ٽرپ ٿي ويون جنهن سبب صوبي جي وڏن حصن ۾ بجلي جي سپلائي معطل آهي

ڪيسڪو چيف جو چوڻ آهي ته گڊو ۽ ڊي جي خان کان ايندڙ سپلائي لائين ٽرپ ٿي وئي جنهن سبب سڄو بلوچستان بجلي کان محروم آهي، فني خرابي بابت ڄاڻ ورتي پئي وڃي

لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور سميت سمورن وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ بجلي غائب ٿي وئي آهي، شروعاتي اطلاعن موجب ڏکڻ ۽ اتر مين لائينن ۾ هڪ ئي وقت فالٽ ٿيو، بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب اورنج لائن ٽرين کي به بند ڪيو ويو آهي

 

فيصل آباد، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، گوجرا، سرگوڌا، شورڪوٽ، پير محل ۽ ملتان سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿيل آهي

آءِ سي او جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسلام آباد جي 117 گرڊ اسٽيشنن کي بجلي جي فراهمي معطل آهي، ريجن ڪنٽرول سينٽر طرفان اڃا تائين ڪو واضح سبب نه ٻڌايو ويو آهي، لاڳاپيل اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهيون

نيشنل پاور ڪنٽرول جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت سسٽم مڪمل طور تي بند آهي، مين لائينن ۾ خرابي سبب سڄو سسٽم ڊائوَن آهي، بجلي بحال ٿيڻ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا

هي به پڙهندا

سياسي جماعتن جي پاليسين کان ناراض اڳواڻن پاران عوامي مسئلن جي حل لاءِ غير جماعتي فورم ٺاهڻ جو اعلان