اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد پوليس پاران ريڊ زون لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، ريڊ زون ۾ سرڪاري ملازمن، ميڊيا ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن جي گاڏين جي داخلا جي اجازت هوندي، گاڏين جي داخلا لاءِ ايڪسپريس چوڪ بند هوندو، ريڊ زون ۾ ڪنهن به قسم جي احتجاج جي اجازت نه هوندي، ڊپلوميٽڪ انڪليو ويندڙ شهرين جي سيڪيورٽي ڊويزن کان تصديق بعد داخلا جي اجازت هوندي، پوليس ترجمان پڌرائي ۾ چيو ته شهرين کي اسلام آباد ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس سان تعاون ڪرڻ گهرجي.