اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نئين درخواست داخل ڪرائي ڇڏي،  جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اسلام آباد جي سمورن ڪيسز ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پيشي جي اجازت ڏني وڃي، عمران جي وڪيل فيصل چوڌري پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري ذاتي حيثيت ۾ پيشي سان عدالتي ڪارروائيون به متاثر ٿين ٿيون،درخواست ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سمورين ماتحت عدالتن ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پيشي جي استدعا ڪئي وئي، سمورا ڪيس جڊيشل ڪامپليڪس ۾ هلائڻ ۽ موٽر وي توڙي هاءِ ويز تي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي.