اسلام آباد جي علائقي ايف سيون فور ۾ ناري نور مقدم جي قتل واقعي جو ڪيس داخل

0
657
ناري نور مقدم جو قتل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي علائقي ايف سيون فور ۾ ناري نور مقدم جي قتل واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ انساني حقن بابت وفاقي وزير طرفان اسلام آباد ۾ ناري نور مقدم جي قتل تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آھي، وفاقي وزير شيرين مزاري پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته نور مقدم جو قتل عورتن مٿان ظلم ياد ڏياري رهيو آهي، عورتن تي تشدد ۽ قتل جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، اسان کي يقيني بڻائڻو آهي ته ڪير به قانون کان مٿي ناهي، اثر رسوخ رکندڙ ڏوهاري قانون کان ڀڄي نٿا سگهن، اسلام آباد جي علائقي ايف سيون فور ۾ ناري نور مقدم جي قتل واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ناري کي گولي هڻي قتل ڪرڻ بعد کيس ذبح ڪري ڇڏيو هو.