اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نئين درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، درخواست ۾ عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد جي سمورن ڪيسز ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پيشي جي اجازت ڏني وڃي
وڪيل فيصل چوڌري پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري ذاتي حيثيت ۾ پيشي سان عدالتي ڪارروائيون به متاثر ٿين ٿيون
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سمورين ماتحت عدالتن ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پيشي جي استدعا ڪئي وئي، سمورا ڪيس جڊيشل ڪامپليڪس ۾ هلائڻ ۽ موٽر وي توڙي هاءِ ويز تي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي
هي به پڙهندا