اسلام آباد: جاويد اقبال کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش معطل

0
226
اسلام آباد: جاويد اقبال کي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس (ر) جاويد اقبال کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش معطل ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي حڪم جاري ڪندي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي جسٽس (ر) جاويد اقبال کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ واري سفارش کي معطل ڪري ڇڏيو

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جاويد اقبال کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي سربراهي کان هٽائڻ لاءِ خط لکڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ۾ جاويد اقبال کي ڪميشن جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي

ان تي جسٽس عامر فاروق چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اختيارن جو معاملو ٻين ٻن درخواستن ۾ به اٿاريو ويو آهي، جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل راشد ڪياني چيو ته معاملو هاڻي پي اي سي کان انڪوائري ڪميشن ڏانهن هليو ويو آهي

بعد ۾ عدالت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سفارش کي معطل ڪندي ان خلاف درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 13 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو

عدالت ڌرين کي اڳوڻي نيب چيئرمين خلاف انضباطي ڪارروائي کان به روڪي ڇڏيوآهي

ھي به پڙھندا

نيب جي اڳوڻي چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ پنهنجي طلبي کي چئلينج ڪري ڇڏيو