اسلام آباد: اسلام آباد، ڪراچي، لاهور،  پشاور سميت ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي، ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان خبردار ڪندي چيو ته ملڪ کي 2010ع واري ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏئي سگهي ٿو، احتياطي اپائن جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ هلندڙ سال آگسٽ تائين سانوڻي جي برسات پوندي، پنجاب، سنڌ، آزاد ڄمون ڪشمير، جي بي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات معمول کان وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي.