اسلام، جمهوريت، آمريت ، فاشزم ۽ انارڪي

0
137
اسلام، جمهوريت، آمريت ، فاشزم ۽ انارڪي

 هن وقت ملڪ جي لڳ ڀڳ ٽئين حصي ۾ قيامت صغره برپا آھي، سوا ٽن ڪروڙن کان وڌيڪ آبادي متاثر ٿي آھي ڪي 1600 کن شھري موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آھن. لکين ايڪڙن جي زرعي زمين تي بيٺل ڪپھھ، سارين،ڪمند، کجي، ميون جي باغن ۽ ڀاڄين جي فصل جي بربادي سبب پهتل نقصان جو ڪاٿو 30 ارب ڊالرن جو ٻڌايو پيو وڃي. لکين جانور مري چڪا آھن، هزارين ڪلو ميٽر روڊ ۽ ريل جون پٽڙيون ٽٽي ويون آھن ۽ چئني پاسي پاڻي ئي پاڻي آھي يا وري انساني الميي جو دل ڏاريندڙ داستان آھي جنهن جي شدت ڏسڻ واري کي وڌيڪ ٻڌائڻ جي ضرورت به نٿي پوي. روڊن رستن ،  بندن ۽ واري جي دڙن تي جهريل جهوپڙين مان دربدر ٿيل اهي بيوس انسان کليل آسمان، گرم موسم ۾ بک ۽ اڃ سان گڏ گيسٽرو، ڍينگي، مليريا، چمڙي جي بيمارين ۽ نانگ بلائن جي ڏنگجڻ سبب ھرروز موت جي منهن ۾ ڌڪبا پيا وڃن. اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي جاري سالياني اجلاس دوران ملڪ جو وزير اعظم، وزيرخارجه،  وزير خزانه ۽ دفاع سميت ڪابينه جا اهم رڪن دنيا مان آيل حڪمرانن کي ٻوڏ ۽ برسات جي تباھھ ڪارين جا انگ اکر ڏئي سندن همدريون حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ لڳل آھن ڇاڪاڻ ته سندن ملڪ جي معيشت جيڪا برساتن کان اڳ ئي ڏيوالي جي ڪنڌي تي بيٺل هئي تنهن کي بچائڻ لاءِ آءِ ايم ايف کان زهر جي ٽڪي مترادف معاهدي جي طفيل هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر جي طاقت جي سئي لڳرائڻ باوجود به ملڪ تان سري لنڪا بنجڻ جو خوف اڃا ٽريو ناهي، ٻوڏ سبب نئين آيل تباهي به ان جو ڪارڻ آھي. ان بربادي جو ادراڪ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل ۽ پناهگيرن بابت عالمي اداري جي ايلچي انجلينا جولي کي ته بيپناھھ ڏک سان ٿيو جو ٻئي شخصيتون پنهنجي جذبات تي ضابطو به نه رکي سگهيون. آمريڪا جي صدر  تسليم ڪيو ته پاڻي هيٺ آيل پاڪستان کي دنيا جي امداد جي ضرورت آھي، فرانس جي صدر ته ڪنهن عالمي امدادي ڪانفرنس گهرائڻ جي ڳالھھ به ڪئي. ٻين عالمي اڳواڻن ۽ مالياتي ادارن جي سربراهن پڻ ھمدردي ۽ ڏک جي اظھار سان گڏ مالي سهڪار جو به يقين ڏياريو آھي. انهن حالتن ۾ ملڪ اندر وڌندڙ غربت هوندي ڳاٽي ڀڳي مهانگائي ۽ اٽي جي کوٽ سان گڏ وڌيل اگهن انهن بي حال انسانن جا حال ويتر هيڻا ڪري ڇڏيا آھن. ڳورهاري مائرن ۽ نون ڄاول ٻارڙن جي درد جو قصو ئي نرالو آھي. حڪومت بيوس به آھي ته نا اهل ۽ بي همت به آھي.

هڪڙي پاسي تشويش جي اها حالت آھي ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي چيئرمين طرفان ڳالهايل  زهريلي زبان ۽ گستاخانه رويي سبب  پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙا هڻندي هڻندي هاڻي جيئن ئي نومبر واري اهم مقرري ويجهي ايندي وڃي تيئن ئي موصوف صفا بتال ٿيندو وڃي. پردي پويان ڳالهيون ۽ ھٿ جوڙي هلندي به ٻاهر هر روز نئون شعلو ڀڙڪايو ڇڏي. لڳي ٿو ته شديد خواهش ۽ غرور واري يقين جي باوجود نه چونڊون جلد  ٿيندي نظر پيون اچن نه ئي آئيني طريقي کان هٽي دفاعي اداري جي سربراھ جي مقرري پئي ٿئي ۽ ان جو سبب ته واضح آھي. چونڊون ڪرائڻ ٻڏل ملڪ لاءِ ممڪن ناهن ( هاڻي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس به هنن حالتن ۾ چونڊن ڪرائڻ جي ڏکيائن ۽ واپس اسيمبلي ۾ وڃڻ بابت نيڪ صلاح  ڏني آھي) ۽ آرمي چيف جي مقرري جو طريقو آئين ۽ قانون ۾ واضح آھي جيڪو به وزير اعظم هوندو انهي جو اهو صوابديدي اختيار آھي. “نه خدا هي ملا نه وصالِ صنم، نه اڌر ڪي رهي نه اّڌر ڪي هوئي ھم” هنن صفحن تي هڪ کان وڌيڪ دفعا لکيو ويو آھي ته خانصاحب کي ڪنهن ڌارئي دشمن ڌارڻ جي ضرورت ڪانهي ڇو ته کيس پنهنجي زبان ۽ جذبات تي ضابطو بنھھ ڪونهي، روين ۽ اظھار ۾ انتهائي لاپرواھھ، مغرور، خود پسند ۽ متڪبر آھي. سندس اعلانيه اظھار مطابق ٻيا سڀ چور،  بي ايمان ۽ ڪم تر مخلوق آھن. ان ڪري سڀني وڏن ڪمن سرانجام ڏيڻ جو صرف کيس خدائي حق حاصل آھي. اهڙيون فرمائشون ۽ خواهشون قانون آئين ۽ اخلاقيات جي ضابطي ۾ ڀل ته نه به اينديون هجن پر ڇاڪاڻ ته سندس اها خواهش آھي سا جيڪڏهن پوري نه ٿي ته ڌمڪين سان گڏ نالا وٺي رياستي ادارن جي سڀني عالي مرتبت عهديدارن کي به نه بخشبو. چيف صاحب جي مقرري ته روٽين جو معاملو آھي ان کي عوامي سطح تي ايترو بحث ھيٺ ڪڏهن به نه آندو ويو آھي. هي ته ان ٻار جهڙو ضد آھي جيڪو هاٿي حاصل ڪري ان کي مٽ ۾ وجهڻ جھڙي بيوقوفاڻي خواهش ڪري پوءِ به اڙِي بيهي.

هاڻي فرمائي ٿو ته “ تياري سان اسلام اينداسين، رانا ثناءَ الله کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي.  ڇنڇر جي ڏينهن فيصلو ڪندس ته ڪهڙي تاريخ تي احتجاج جو سڏ ڏيڻو آھي، سردار گدڙ ھجي ته شينهنِ جي فوج گدڙن جي لشڪر کان هارائي ويندي.” ڇا مطلب آھي؟ شينهن ته پاڻ کي سڏي ٿو پوءِ گدڙ ڇا سندس پارٽي جا ماڻھو آھن يا حڪومتي اتحادي جماعتن جا رڪن؟ يا مورڳو مير جعفر ۽ مير صادق واري تشبيھھ کي بدلائي اشارا ڪنهن ٻئي پاسي پيو ڪري! اها انتها درجي جي غلاظت آھي جنهن مان فاشسٽ سوچ جي بدبوءِ اچڻ لڳي آھي. فواد چوڌري جيڪو“ اڄ ڪلھھ ڏاڍو جمهوري ۽ سويلين راڄ جو حامي ٿي اڇا بچا” بنجڻ جي ڪوشش ۾ رڌل لڳي ٿو اهو به چئي ويو ته سندس ليڊر جنهن مهل عدالت سڳوري ۾ حاضر ٿئي ته جج سندس احترام ڪن ڇو ته جنهن کي الله عزت ڏئي ان جي عزت ڪرڻ گھرجي. جج ته واقعي عدالت ۾ به سندس عزت ڪن ٿا. احتجاج،تحريڪ ۽ ڌرڻي جو مقصد هاڻي ته  چونڊن جي آڙ ۾ صرف پنهنجي مرضي جو آرمي چيف مقرر ڪرڻ لڳي ٿو. ملڪ جي آئين مطابق آرمي جو سربراھھ نومبر ۾ مقرر ٿيڻو آھي جنهن کي موجوده وزير اعظم مقرر ڪرڻ جو مڪمل اختيار رکي ٿو سو ان مقرري کي ڪنهن جي خواهش جي طابع ڪيئن ڪبو؟ جتي سڄي دنيا پاڪستان جي ڏکويل عوام سان همدردي ڪندي مدد به ڪري پئي اتي اسان جو پنهنجو ايڏو وڏو اڳواڻ ناممڪنات جي پوري نه ٿيڻ تي بد حال معيشت کي برباد ڪندي ڪونه ڪو ڪروڌ روز روزلڳايو ويٺو آھي، سو به حساس اداري جي سربراھھ جي من پسند مقرري لاءِ!

عوام پريشان ان ڳالھھ تي آھي ته اسان جا رياستي ادارا، يعني عدليه، دفاعي ادارا، اليڪشن ڪميشن ۽ سڄو رياستي وهنوار هڪ شخص يا هڪ جماعت جي ان حد تائين جي ڇڙواڳي يا انارڪي کي برداشت ڪيئن ڪريو ويٺو آھي؟ شھباز گل بغاوت جي ڪيس ۾ ضمانت وٺيو ويٺو آھي، شوڪت ترين جهڙو سدا بهار ٽيڪنوڪريٽ وزير خزانه ڪي پي جي خزانچي کي چوي ٿو ته آءِ ايم ايف کي خط لکي ملڪ کي ملندڙ قرض جي راھھ روڪي، هڪ قابل محترمه بين الاقوامي برادري کي “ڪرپٽ حڪمرانن” کي امداد ڏيڻ کان روڪي ٿي، چيئرمين صاحب وزير اعظم جي SCO  ۽ اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت تي مسخرن واريون ٺٺوليون ٿو ڪري، ڪڏهن چوي ٿو ته اهل ۽ محب وطن جنرل مقرر ٿيڻ کپي جيڪو صرف اهو هوندو جنهن کي هو پاڻ پسند ڪري، عوام کي اڀاري ٿو ته جيڪي توهان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن تن کي واپس ڌمڪيون ڏئي ٻڌايو ته اسان کي اظھارِ راءِ جي آزادي جو حق حاصل آھي،ڪا عدالت يا اليڪشن ڪميشن نوٽيس ڏئي گهرائي ٿي ته گهڻو ڪري  وڃي ئي نٿو، هر وقت توهين عدالت ڪندي وري معافي وٺڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي. اها ٻي ڳالھھ آھي مهربان جج  سندس معافي لاءِ ته منتظر هوندا آھن، عدم اعتماد جي تحريڪ دوران مسلسل آئين جي انحرافي ڪندو رهيو ته به رحمدل انصاف کيس ڪجھھ نه ڪيو. اهي ۽ ان جهڙا ٻيا سوين مثال ثابت ڪن ٿا ته جيڪڏهن ان رجحان کي نه روڪيو ويو ته ملڪ نازي ازم ۽ فاشزم ڏانهن هليو ويندو. اهي نظام به ته ووٽ ذريعي برپا ڪيا ويا هئا. هڪ حلقي جي خوش فهمي آھي ته خان صاحب جو رياستي ادارن سان ايترو جارحاڻو رويو اصل ۾ جمهوريت جي خدمت آھي ڇاڪاڻ ته رياستي ادارن اڄ تائين آئين کان هٽي ڪري جمهوري حڪمرانن ۽ پارليامينٽ جي اختيارن کي ڦٻائي پردي پويان پاڻ ئي راڄ ڪيو آھي. اهو تاثر ان حد تائين درست آھي ته هن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت اڄ تائين قائم نه ٿي سگهي آھي پر ان جو علاج ڪو فاشسٽ ته ايئن ئي ڪندو جيئن هٽلر جرمني ۾ ڪيو ۽ ميسوليني اٽلي ۾ ڪيو ۽ پوءِ سڄي دنيا کي عالمي جنگ جي بربادي جو منهن ڏسڻو پيو. اها به ته حقيقت آھي ته آرمي ۽ آءِ ايس آءِ  چيف جي مقرري جي اختيار کان سواءِ سويلين حڪومت جي هٿ ۾ دفاعي ادارن بابت ٻيو ڪو اختيار ته آھي ئي ڪونه ۽ خان ان  استحقاق کي به متنازعه بنائي جمهوريت کي وڌيڪ ڪمزور پيو ڪري.

پاڪستان سچ پچ ته 75  سالن کان  Identification Crisis  يا سڃاڻپ جي بحران جو شڪار رهيو آھي. مذھبي طبقي 1949ع واري قراداد مقاصد کان وٺي قادياني تحريڪ تائين، اسلامي نعرن کان وٺي ضيائي نظام مصطفيٰ جي نالي ۾ ھن ملڪ اندر اسلامي نظام نافذ ڪرڻ جي نمائشي ڪوشش جاري رکي آھي. ان جي نتيجي ۾  TPP ، ٽي ايل پي،  لشڪر جهنگوي ۽ ٻيون فرقي پرستون تنظيمون ته ڪافي سگهاريون ٿي ويون پر هڪٻئي سان سخت اختلاف سبب اسلامي نظام بدران مذھب جو پنهنجي مرضي سان استعمال وڌي ويو. 1956ع ۽ 1962ع جي آئينن ذريعي جمهوريت نافذ ڪرڻ جو خواب بنگلاديش جي تعبير جي صورت ۾ سامهون آيو. 1973ع جو متفقه آئين به حقيقي جمهوريت بحال ڪرڻ ۾ ته ڪامياب ڪونه ٿيو مورڳو پنهنجي خالق کي ڦاهي چاڙھائي، ھڪ کي شھيد ڪرائي ٻن کي جلاوطن ڪرائي، ڇھھ ڀيرا اسيمبليون ٽوڙائي سهڪندو سهڪندو اچي عمراني دور ۾ اٽڪيو هو. هن وقت آئين جي حرمت قائم رکڻ کان وڌيڪ بي حرمتي انهن شخصن ۽ ادارن طرفان ٿئي پئي جن ان دستاويز جي تحفظ جو حلف کنيو هو. حلف اڄ به انهي دستاويز جي نالي تي کڄي ٿو پر ان قسم ۾ سچائي ايتري هوندي آھي جيتري ٿاڻي تي مشيرناما ٺاھڻ ۽ چالان پيش ڪرڻ کان پوءِ پوليس گواهن جي هوندي آھي. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ  سوويت يونين ۽ آمريڪا جي بلاڪ سياست ۽ نظرياتي اثر هيٺ اسان جا ڪجھھ ديسي سرخا به ملڪ ۾ سوشلزم نافذ ڪرڻ جا اڌورا خواب ڏسندي نيٺ سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ ڀٽي صاحب جي اسلامي سوشلزم واري شوشي جي زير اثر پنهنجي انجام تي پهچي ويا يا ڪا چڻنگ اڃا تائين سانڍيو اڄ به ڪنهن ڪنڊ ۾ جوت جاڳايو ويٺا هوندا. باقي سڀ کان سگهارو ۽ امڪاني طرح ھروقت موجود نظام اسان وٽ آمريت جو رهيو آھي. چار مڪمل مارشلائن جو روح اسان جي جمهوري نظامن ۾ به جيئن جو تيئن موجود رهيو آھي.

حقيقت هي آھي ته اسان اڄ تائين هڪ قوم به نه ٿي سگهيا آھيون ۽ ڪنهن نظام تي به متفق نه ٿي سگهيا آھيون. ان ڪري اسان جي رياستي نظام واري بورڊ تي ڪجھھ به لکيل ناهي، ڪجھھ شرير ٻارن ان تي ابتا سبتا ليڪا ڪڍي ڇڏيا آھن. ان ڪري جيڪو ٿو اچي سو پنهنجو نظام پاڻ سان گڏ کڻيو اچي. اچڻ سان بورڊ تي ڊسٽر گهمائي صاف ڪري پنهنجي پٽي پڙھائڻ شروع ڪريو ڇڏي. خانصاحب بورڊ تي هي ڪوڊ ورڊ  لکيا :“ نيب، چور، ڊاڪو، نيا پاڪستان، سيم پيج، سونامي،نيوٽرل،جانور، X ۽ Y مين ان ڪو نهين ڇوڙونگا.” پر انهن سڀني نعرن جي پويان فاشزم جو نظريو نظر اچي ٿو. جيڪڏهن آرمي چيف جي مقرري ۽ هنن هنگامي حالتن هوندي به سندس چونڊون ڪرائڻ جھڙا ناممڪن مطالبا منظور ٿين ٿا ته پڪ سمجهڻ گھرجي ته هي 23 ڪروڙ عوام واري ايٽمي قوت فاشسٽ رياست ٿيڻ طرف وڃي پئي. ڪنهن کي رستا روڪ ڪرڻي آھي ته انارڪي يا  ڇڙواڳي واري حالت پئدا ٿيڻ کان پهريائين ڪجھھ ڪري وٺي. “ڦر نه ڪهنا همين خبر نه هوئي“

[email protected]