حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت ايم 6 سکر-حيدرآباد موٽروي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد نيو سعيد آباد جي اسسٽنٽ ڪمشنر لينڊ اڪيوزيشن منصور عباسي جي چئن ڏينهن لاءِ ڪچي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر وڪيل محمد هاشم لغاري معرفت ضمانت لاءِ حيدرآباد ۾ قائم اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جي 5 لک رپين جي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کيس پڪي ضمانت لاءِ 28 نومبر تي ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته 18 نومبر تي نيو سعيد آباد جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان حفاظتي ضمانت ڪرائي هئي ۽ عدالت حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس لاڳاپيل صوبائي عدالت ۾ ضمانت لاءِ رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سندس وڪيل محمد هاشم لغاري ضمانت جي تصديق ڪئي آهي.