اسرائيل ۾ پرتشدد مظاهرا: وزير دفاع برطرف: قونصل جنرل مستعفي

0
262

اسرائيلي وزير اعظم بنيامين نيتن ياهو دفاع واري وزير کي عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي

پرڏيهي خابرو اداري موجب بنيا مين نيتن ياهو عدالتي سڌارا روڪڻ جي مطالبي تي دفاعي واري وزير يواف گلينٽ کي برطرف ڪيو آهي

ميڊيا رپورٽس موجب دفاع واري وزير جي برطرفي کانپوءِ عدالتي سڌارن خلاف مظاهرا زور وٺي ويا آهن ۽ مظاهرين پرتشدد ٿي ويا آهن

شهرين تل ابيب جي مرڪزي شاهراهه بند ڪري احتجاج ڪيو، ان کانسواءِ اسرائيلي وزير اعظم جي رهائشگاهه آڏو به ڌرڻو هنيو ويو

ٻئي پاسي نيويارڪ ۾ اسرائيل جي قونصل جنرل به مستعفي ٿي ويو آهي ۽ اُن مظاهرين جي حق ۾ آواز بلند ڪيو هو