اسرائيل ۽ حماس ۾ جنگبندي ٿي وئي

0
482

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اسرائيل ۽ حماس ۾ جنگبندي ٿي وئي، اسرائيل فلسطين ۾ حملا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، اسرائيلي ڪابينا جنگبندي جِي منظوري ڏئي ڇڏي، گڏيل قومن جِي جنرل اسيمبلي جَي اجلاس دوران سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتريس غزا ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو هو، اينتونيو گوتريس چيو ته، غزا جا معصوم ٻارڙا جنگ جِي ڳري قيمت ادا پيا ڪن، غزا ۾ 200 کان وڌيڪ شهري شهيد ٿي چڪا آهن، فلسطين ۾ جاري ڇڪتاڻ کي روڪڻو پوندو، پاڪستان غزا ۾ عالمي پروٽيڪيشن فورس مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خطاب ڪندي چيو ته، اسرائيل کي فلسطينن مٿان ظلم ڪرڻ جِي ڇوٽ ڏني وئي آهي، اسرائيل تڪبر ۾ ٻڏل آهي، انسانيت لاءِ ڪو اثرائتو قدم کڻون ٿا يا نه، اُهو تاريخ جو حصو هوندو.