اسرائيل پاران غزه تي فضائي حملا، وڌيڪ 26 ڄڻا شهيد

0
497

تل ابيب: اسرائيل پاران غزه تي وڌيڪ فصائي حملا ڪيا ويا آهن، جن ۾ 26 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. هوڏانهن پوپ فرانسس پاران خونريزي جي خاتمي جي اپيل ڪئي وئي آهي. اسرائيلي فوج اها به دعويٰ ڪئي آهي ته غزه جي پتي تي حماس جي هڪ اڳواڻ يحيٰ السنوار جي گهر تي پڻ بمباري ڪئي وئي. فلسطيني اختيارين موجب مارجي ويندڙن ۾ ڊاڪٽر ايمن ابو الاوف به شامل آهي جيڪو الشفا اسپتال جي ڊپارٽمينٽ آف انٽرنل ميڊيسن جو سربراه هو. اسرائيل ۽ فلسطين تڪرار ۾ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي چيف سمورن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.