والاريل القدس(م ڊ) اسرائيلي پوليس بيت المقدس جي الاقصيٰ مسجد ۾ نمازين تي ڪڙڪي پئي، وحشياڻي تشدد ۾ عورتن سميت 14 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا 400 نمازين کي گرفتار ڪيو ويو. فلسطيني فجر جي نماز وقت مسجد اقصيٰ ۾ موجود هئا ته اسرائيلي پوليس اندر داخل ٿي ڏنڊن ۽ بندوقن جي قنداڪن سان حملو ڪري ڏنو. فلسطينين جو چوڻ آهي ته اسرائيلي پوليس پرسٽن گرنيڊ ۽ رٻڙ جون گوليون به فائر ڪيون. فلسطينين به مزاحمت ڪئي ۽ اهلڪارن کي ڌڪا ڏنا، چڪرين ۾ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ فورسز ٻارن ۽ عورتن سميت 400 فلسطيني گرفتار ڪري ورتا. حماس جي اپيل تي هزارين عورتون ۽ ٻار مسجد اقصيٰ پهتا ۽ اسرائيلي پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجهه فلسطيني بارودي مواد سان گڏ مسجد ۾ داخل ٿيا هئا، جنهن بعد ڪارروائي شروع ڪئي وئي. اسرائيل مخلتف شهرن تي راڪيٽ حملا ٿيڻ جي دعويٰ به ڪئي آهي. هڪ عورت ٻڌايو ته قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري رهي هيس ته اسرائيلي پوليس اندر گهڙي گرنيڊ اڇلايا هڪ منهنجي سيني تي لڳو. ٻئي اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته اعتڪاف لاءِ آيا هئاسين جو حملو ڪيو ويو. سعودي عرب ۽ اردن پاران اسرائيلي پوليس جي جارحيت جي مذمت ڪئي وئي آهي. سعودي پرڏيهي وزارت پاران بيان ۾ چيو ويو آهي ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ اهڙا قدم بين الاقوامي اصولن جي ڀڃڪڙي آهن. فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل کي مقدس ماڳن تي حملي جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، اسان اسرائيلين جي پيرن هيٺان ڌرتيءَ کي ٽانڊا ڪري ڇڏينداسين. پاڪستان به حملي جي مذمت ڪئي آهي. حڪومت، پرڌيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مريم نواز به حملي جي مذمت ڪئي. افغانستان جي طالبان حڪومت به حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ مقدس جاين جي بيحرمتي تي افسوس جو اظهار ڪيو.