غزه (م ڊ) غزا پٽي تي اسرائيلي فوج جي ڊورن حملي ۾ ٻارڙي سميت 2 فلسطيني شهيد جڏهن ته 19 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي ڊورن غزا شهر ۾ قائم برج فلسطين نالي عمارت تي ميزائل حملو ڪيو. اسرائيلي حملي ۾ تحريڪ جهاد اسلامي جو ڪمانڊر تيسير الجعبري شهيد ٿي ويو، جنهن جي تنظيم طرفان تصديق ڪئي وئي آهي. عالمي ميڊيا موجب ڊرون حملي کان پهرين اسرائيلي فوج غزا پٽي تي سرحدن وٽ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي هئي. حملي ۾ 5 سالن جي نينگري اعليٰ قدوم شهيد ٿي وئي.