اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي، اسلام آباد پوليس اسد قيصر خلاف داخل 6ڪيسن جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي دوران جسٽس ارباب محمد طاهر وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اسد قيصر جو اڃا موڊ نه آهي ڇا پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو؟ جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته پريس ڪانفرنس ڪيو ۽ معاملو ختم ڪيو.