اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت قلم 144 جي ڀڃڪڙي ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت واري ڪيس ۾ اسد عمر، علي نواز اعواڻ سوڌو 6 ڄڻن جي ضمانت منظور ڪري ورتي، جڏهن ته فيصل جاويد، خرم نواز، عامر ڪياني خلاف ڪيس ۾ فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو.