اسد عمر جي ضمانت بابت فيصلو محفوظ: پهريون ڀيرو دهشتگرد هٿين خالي آيو آهي: جج

0
306
اسد عمر جي ضمانت بابت فيصلو محفوظ: پهريون ڀيرو دهشتگرد هٿين خالي آيو آهي: جج
اسد عمر جي ضمانت بابت فيصلو محفوظ: پهريون ڀيرو دهشتگرد هٿين خالي آيو آهي: جج

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسد عمر جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

اسد عمر جي وڪيل جج راجا جواد عباس جي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جڏهن پرتشدد واقعا ٿيا ته اسد عمر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ موجود هو، واقعي واري ڏينهن اسد عمر جڊيشل ڪاملپيڪس آيو ئي نه هوAin't over yet: Protests by PTI workers erupt across the Punjab

جج پراسيڪيوٽر کان پڇيو ته  ڪو اهڙو ڪيس ٻڌايو  جتي دهشتگرد  هٿيارن کانسواءِ آيا هجن، هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي جو دهشتگرد هٿين خالي آيو آهي

پراسيڪيوٽر عدنان علي جواب ڏنو ته عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي مهم هلائي وئي

 اسد عمر جي وڪيل طنز ڪندي چيو ته پراسيڪيوشن دهشتگردن جو معيار ئي گهٽائي ڇڏيو آهي، عدالت اسد عمر جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، محفوظ ڪيل فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو

هي به پڙهندا

قيد عورت ڪارڪنن سان زيادتي جون خبرون اچن پيون، سازشي چئي معاملو لڪايو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي: عمران خان