اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ۾ اڳوڻي ناڻي وزير اسحاق ڊار جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اسحاق ڊار جي وڪيل سلمان بٽ دليلن لاءِ ڪيس بحال ڪرڻ جي استدعا ڪئي، هن جو چوڻ هو ته مان پرڏيهه هئس، ان ڪري دليل نه ڏئي سگهيو هئس، اليڪشن ڪميشن ان ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو پر ان ڪيس کي دليلن لاءِ بحال ڪيو وڃي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن حتمي دليلن لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي 27 سيپٽمبر تي مقرر ڪري ڇڏي آهي.