اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير اسحاق ڊار استعيفا جي سوال تي چڙي پيو ۽ چيو ته شبر زيدي کي ان وقت اربين رپين جي ري فنڊ تي جيل ۾ هجڻ گهرجي، اسلام آباد ۾ ناڻي وزير کان صحافي استعيفا بابت سوال ڪيو، رستي ويندي صحافي سوال ڪيو ته موجوده معاشي صورتحال تي حڪومت جي ڪهڙي حڪمت عملي آهي، ڪجهه ٻيا به سوال ڪيا ويا، صحافين جي سوالن تي ڊار 7 ڀيرا چوندو رهيو ته چار لڳي 10 منٽن، چار لڳي 10 منٽن تي، ٻه ڪلاڪن ۾ ڪجهه نه ٿيندو، چار لڳي 10 منٽن تي جواب ڏيندس، جنهن تي صحافي سوال ڪيو ته ڇا ان ٽائيم تي اوهان استعيفا ڏيندا، جنهن تي اسحاق ڊار ڪاوڙجي پيو ۽ چيو ته اوهان کي تڪليف آهي منهنجي ڪم ڪرڻ ۾؟ صحافي چيو ته شبر زيدي چيو آهي ته اوهان استعيفا ڏيڻ وارا آهيو؟ جنهن تي اسحاق ڊار چيو ته هن پاڻ ملڪ سان ڇا ڪيو آهي؟ شبر زيدي کي ان وقت اربين رپيا ري فنڊ ڪرڻ تي جيل ۾ هجڻ گهرجي.