استادن جي ڀرتين بابت هارڊ ايرياز واري پاليسي رد: هزارين استادن جو ڇا ٿيندو؟

0
259

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ استادن جي ڀرتين لاءِ تعليم کاتي جي هارڊ ايرياز واري پاليسي رد ڪري ڇڏي آهي،  هارڊ ايريا ۾ 33 سيڪڙو مارڪس کڻندڙ اميدوارن کي استاد مقرر نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي

عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته استادن جي ڀرتي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 40 سيڪڙو مارڪس واري پاليسي برقرار رکي وڃي

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جن تعلقن ۾ اميدوارن جون مارڪس 40 سيڪڙو کان گهٽ آهن اتي ٻيهر ڀرتي لاءِ ٻيهر اشتهار ڏنا وڃن

 عدالت فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته گهٽ مارڪس کڻندڙ استادن کي مقرر ڪرڻ شاگردن ۽ قوم جي مستقبل لاءِ بهتر نه آهي

هي به پڙهندا

سڀ ڄاڻن ٿا ته ٻوڏ متاثرن جو سامان سرڪاري آفيسز مان نڪرڻ بعد ڪيڏانهن وڃي ٿو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ