استادن جون ڀرتيون ڪامورڪي ڪوڙڪي کان بچي سگهنديون !؟

0
235
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ۾ استادن جي ڀرتين جو معاملو ٽيسٽ شروع ٿيڻ کان وٺي بحث هيٺ ۽ تڪراري رهيو آهي جيڪو اڃا تائين ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿو وٺي ڇاڪاڻ ته ايڏي وڏي پئماني تي شفاف ڀرتين جو شايد ئي ڪنهن وٽ ڪو تصور هو تنهن ڪري  ڪڏهن سوشل ميڊيا تي انهي معاملي کي هروڀرو گهڻو اٿاري تڪراري بڻائڻ جي ڪُشش ڪئي وئي ته ڪڏهن وري ٽيسٽ پاس ڪرڻ جا معيار تبديل ٿيندا رهيا جنهن ڪري به اهو معاملو جيڪڏهن تڪراري نه  ٿيو ته به بحث هيٺ ضورور آيو ۽ شڪ شبها پيد اٿيندا رهيا.ڪڏهن هارڊ ايريا جي ڳالهه سامهون آئي ته ڪڏهن پاسنگ مارڪس گهٽائڻ کي به تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.ٽيسٽ جي نتيجن کان پوءِ جڏهن اها ڳالهه سامهون آئي ته شروع ۾ جيڪو پاسنگ معيار رکيو ويو هو ان مطابق ته سيٽن جي چوٿين حصي جيترا به اميدوار پاس نه ٿيا آهن ۽ سڄي محنت ضايع ٿيڻ جو خطرو آهي ته پوءِ هارڊ ايريا، عورتن ۽ اقليتن کي رعايت ڏيڻ وارو سلسلو شروع ٿيو ۽ مجموعي طور به پهرين وارو معيار ختم ڪري رڳو ميل لاءِ 55 سيڪڙو ۽ عورتن لاءِ 50 سيڪڙو پاسنگ مارڪس رکيون ويون، جڏهن پوءِ به سيٽون وڌيڪ بچي پيون ته پاسنگ مارڪس 40 سيڪڙو مقرر ڪيون ويون ۽ تعلقي وائيز سيٽن جي حساب سان ڪاغذ چڪاسڻ ۽ آفر ليٽر جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.پر حڪومت ۽ خاص ڪري تعليم جي وزارت جو اصل امتحان هاڻي شروع ٿو ٿئي ته استادن جي ڀرتين لاءِ ميرٽ جي انهي عمل کي  ڪامورڪي ڪوڙڪي کان ڪيئن بچائي حقدارن کي حق ڏياري سگهندي.

شروع ۾استادن جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ ۾ٿيل غلطين جي نشاندهي به ٿي ۽ انهن جي ازالي جي ڪوشش به ڪئي وئي پر اهي غلطيون ايڏي وڏي پئماني تي نه هيون جو سڄي هن پراسيس تي ئي سوال اٿن ها پوءِ پهرين مرحلي ۾ آفر ليٽر ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو جنهن ۾ ميل 55 ۽ في ميل 50پاس  تي آفر ليٽر ڏنا ويا. جڏهن سنڌ جي وڏي وزير 40 مارڪن  تي پاس ڪرڻ واري فيصلي جو اعلان ڪيو ته اتان ئي ڪامورن خاص ڪري ضلعي ۽ تعلقي جي تعليمي عملدارن پنهنجا نمونا ڏيکارڻ شروع ڪيا. ڇاڪاڻ ته هڪ ته سنڌ حڪومت اڳ ئي اعلان ڪري چڪي هئي ته ڪيتريون سيٽون خالي آهن ۽ ٻيو ته بند پيل اسڪول کولڻ جو به اعلان ڪيو ويو جنهن ڪري اهو امڪان هو ته 40 تائين پاس   اڪثر اميدوار آفر ليٽر وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا جيڪي نج ميرٽ جي بنياد تي هوندا.جڏهن اهو فيصلو آيو ته سدائين سيٽون کپائڻ ۽ نوڪريون وڪرو ڪرڻ تي هريل مافيا سرگرم ٿي وئي ته اهڙي فيصلي سان سندن دڪاندار ي بند ٿي ويندي انهن انهي جو ٽوڙ اهو ڪڍيو جو تعليمي آفيسرن سان ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ملي سيٽون لڪائڻ شروع ڪيون.تعليم واري وزارت کي ضلعن ۽ تعلقن جا صحيح ۽ اصل انگ اکر مهيا نه پئي ڪيا ويا جيڪڏهن ڪنهن تعلقي ۾ 500 کن سيٽون هيون ته اتي انهن ڪامورن اڌ تي مس ظاهر ڪيون جنهن کانپوءِ سڄي سنڌ مان رڙ شروع ٿي ته ڪامورا حڪومت جي اهليت جي بنياد تي استادن کي ڀرتي واري پروگرام کي ناڪام ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اصل سيٽون لڪايون پيون وڃن جيڪي پُوءِ مافيا سان ملي وڪرو ڪيون وينديون. جنهن تي تعليم جو سيڪريٽري به حرڪت ۾ آيو ۽ اڳ ويب سائيٽ تي جاري ڪيل لسٽ کي ڊليٽ ڪرائي نئين سري سان اهو عمل شروع ڪرايو ويو هاڻي چيو پيو وڃي ته جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جون تقريبن 56 هزار جايون ڀريون وينديون جيڪي اڳ ۾ 50 هزار تائين هيون انهن ۾ بند پيل به اسڪول شامل آهن.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ استادن جي ميرٽ تي ڀرتي وارو عمل اهم ڪردار ادا ڪندو پر جيڪڏهن اهو عمل انهي ڪامورڪي ڪوڙڪي جي ور چڙهيو ته سنڌ حڪومت ۽ تعليم جي وزارت جي اها سڄي محنت ضايع ٿي ويندي ۽ حقدار پنهنجي حق کان محروم رهجي ويندا.  تنهن ڪري حڪومت ۽ خاص ڪري تعليم واري وزارت انهي معاملي تي پنهنجون اکيون کليل رکي ۽ ڪامورن جي سيٽون لڪائڻ واري سازش کي ناڪام بڻائي ۽ جيڪي ڪامورا اهڙيون ڪوششون يا سازش ڪري رهيا آهن انهن خلاف ترت محڪماتي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي ته جيئن ٻيا ڪامورا انهي مان سبق سکن.