مٺي/ڏيپلو: ايس ايچ او ڏيپلو مبارڪ راڄڙ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار احمد هالو ٻين جوابدارن کي بچائڻ لاءِ بي هوشي جو ڊرامون ڪيو آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار مختلف بيمارين جو مريض آھي، پوليس مٿس ڪوبه تشدد نه ڪيو آھي. ڊاڪٽرن به جوابدار کي بلڪل صحتمند قرار ڏنو آھي.