اسان کي ميلا نه کپن، نوجوانن کي آرٽ ڏانهن آڻيو: ثقافت کاتو پرڏيهه ۾ پروگرام نٿو ڪري سگهي: عدالت

0
330
اسان کي ميلا نه کپن
اسان کي ميلا نه کپن، نوجوانن کي آرٽ ڏانهن آڻيو: ثقافت کاتو پرڏيهه ۾ پروگرام نٿو ڪري سگهي: عدالت

سکر: اسان کي ميلا نه کپن، نوجوانن کي آرٽ ڏانهن آڻيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر هڪ ڀيرو ٻيهر ثقافت کاتي کي ملڪ کان ٻاهر پروگرام ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي

ثقافت کاتي طرفان پرڏيهه ۾ سرڪاري خرچ تي پروگرام ڪرائڻ خلاف سهيل ميمڻ جي  درخواست تي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي

ٻڌڻي دوران ثقافت کاتي سيڪريٽري، ڊي جي ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا، جن عدالت کي اداري جي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو

جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته اسان کي ميلا نه کپن، ريسرچ سينٽر گهرجن، نوجوانن کي آرٽ طرف آڻيو

جسٽس صلاح الدين پنهور ثقافت کاتي جي عملدارن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان لطيف، سچل، شاھ عنايت تي ريسرچ انسٽيٽيوٽ ناهي ٺاهيا، سنڌ ۽ ملڪ کان ٻاهر ڪنهن به قسم جي پروگرام يا ميلي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي

عدالت چيو ته سنڌ ۾ ڪو به ادارو ڪم نٿو ڪري، پئسا تاريخي ماڳن تي خرچ ڪرڻ بدران ميلن تي خرچ ڪيا پيا وڃن

ثقافت کاتي جي ڊي جي عدالت کي ٻڌايو ته ثقافت کاتو 40 لک رپيا خرچ ڪندو، پئرس ۾ پروگرام جي اجازت ڏني وڃي

درخواستگذار وڪيل موقف اختيار ڪيو ته موهن جو دڙو جي بحالي لاءِ يونيسڪو پاران 75 هزار ڊالر جاري ڪيا ويا آهن، اهي پئسا خرچ ناهن ڪيا ويا

وڪيل چيو ته جيڪڏهن ثقافت کاتي جو ڊي جي ۽ سيڪريٽري ذاتي خرچ تي پروگرام ڪرائڻ چاهين ٿا ته اُهي سنڌ ۾ ڇو نٿا ڪرائين؟

عدالت ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊي جي، جِي پرڏيهه ۾ پروگرام ڪرائڻ جي اجازت ڏيڻ واري درخواست رد ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

هن کي به پڙهندا

لکين ماڻهو بي گهر آهن، ڳڻپ ڪيئن ٿيندي؟، ڊجيٽل آدمشماري روڪرائڻ لاءِ درخواست داخل