لاهور (م ڊ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسان 75 سالن ۾ پوئتي رهجي ويا آهيون ڇاڪاڻ ته ڪرپٽ وڌيڪ آهيون ۽ اسان ان ڪري ترقي نه ڪري سگهيا آهيون ڇاڪاڻ وڌيڪ نااهل آهيون. لاهور جي خانگي يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته قوم ۽ نوجوانن کي گذارش آهي ته اختلاف راءِ رکو پر نفرت کي هٿي نه ڏيو، سماج نفرتن تي نٿو هلي سگهي. احسن اقبال چيو ته سخت ضرورت آهي ته هڪٻئي تي تنقيد دوران احترام کي نظر ۾ رکون، معاشري کي استحڪام جي سخت ضرورت آهي، اسان کي نوجوان نسل کي بهتر مستقبل ڏيارڻو آهي. هن چيو ته اسان 75 سالن ۾ پوئتي رهجي وياسين ڇاڪاڻ اسان ڪرپٽ وڌيڪ آهيون، اسان ترقي نه ڪري سگهياسين، ڇاڪاڻ نالائق وڌيڪ آهيون، اسان جو رڳو هڪ مسئلو آهي ۽ اهو آهي سياسي عدم استحڪام، اسان وٽ پاليسين جو تسلسل ناهي جڏهن ته ٻيا ملڪ اسان کان اڳتي نڪري ويا، بنگلاديش، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا مثال آهن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته معاشي ماهرن، واپارين ۽ صنعتڪارن کي اپيل آهي ته جديد ٽيڪنالاجي طرف اچن، ڊالر ايندا ته ملڪ هلندو، هڪ وقت جڏهن پاڪستان ترقي ڪري رهيو هو، پر پوءِ بار بار اسان ان رستي کي روڪيو، جڏهن ته بنگلاديش ۽ ڀارت ايئن نه ڪيو، اڃا به وقت آهي سياستدان گڏجي ويهڻ ۽ دانشمندي سان پارليامينٽ ۾ فيصلو ڪن. احسن اقبال چيو ته هاڻي اهي حالتون بدلجي ويون آهن، اسان کي ٻين ملڪن کان قرض گهرائڻو پوي ٿو، پاڪستان ڊيفالٽ ڪرڻ شروع ڪيو پر اسان ان کي سنڀالي ورتو.