سڊني(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مينٽور ۽ اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ميٿيو هيڊن چيو آهي ته بابراعظم هڪ اسپيشل رانديگر آهي، گلڪرسٽ جو به 2007ع وارو ورلڊ ڪپ خراب گذريو هو پر پوءِ هن فائينل ۾ ٽيم کي فاتح بڻائي ڇڏيو. ان لاءِ بابر جي وڏين ميچن ۾ ڪجهه ڪرڻ تي حيران نه ٿيڻ گهرجي. سڊني ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميٿيو هيڊن چيو ته شاهين انجري کانپوءِ آيو هاڻي اهو مومينٽم ۾ اچي ويو آهي، چار فاسٽ بالرن جو هڪ خطرناڪ ڪمبينيشن آهي. هن چيو ته بابر هر ميچ ۾ رن نٿو ٺاهي سگهي، اهڙو وقت سڀني مٿان ايندو آهي، اهو وڏو پليئر آهي، وڏين ميچن ۾ سٺو کيڏندو. هيڊن چيو ته پاڪستان جي خاص ڳالهه جيڪا مونکي پسند آهي اها هنن جي وڏين ميچن ۾ شاندار واپسي هوندي آهي. هوڏانهن صحافين پاران بابر جي ٽئين يا چوٿين نمبر تي کيڏڻ جي سوال تي آسٽريلوي اڳوڻي جارحاڻي مزاج جي بيٽر ايڊم گلڪرسٽ چيو ته نه بابر اوپننگ رانديگر آهي ۽ پاڪستان ٽيم لاءِ بابر جو رڪارڊ بهترين آهي. گلڪرسٽ چيو ته جيئن ته بابر لاءِ هي هڪ ڏکيو وقت آهي پر منهنجو خيال آهي ته بابر اوپننگ تي اچڻ لاءِ هڪ بهترين رانديگر آهي. ٻئي طرف آسٽريلوي اڳوڻي ڪپتان رڪي پونٽنگ چيو آهي ته پاڪستان لاءِ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو اعزاز حاصل ڪرڻ لاءِ فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي اهم ترين رانديگر آهي. هن شاهين آفريدي جي ڀيٽ ويرات ڪوهلي سان ڪندي چيو ته جيئن هن ٽورنامينٽ ۾ ويرات جي فارم واپس آهي چئي سگهجي ٿو ته شاهين جي به واپس آئي.