ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته ميري ٽائيم سيڪٽر مالي ۽ ٽيڪنيڪل لحاظ کان اهميت جوڳو آهي ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ 10 فيبروري کان شروع ٿيندڙ انٽرنيشنل ميري ٽائيم نمائش ۽ ڪانفرنس  2023ع جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان وٽ ميري ٽائيم سيڪٽر لاءِ افرادي قوت ناهي، پاڪستان ”سي بلائنڊنيس“ جو شڪار هو، ميري ٽائيم کي گهرجي ته مختلف صنعتن جي اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ته جيئن آبي جيوت، خوراڪ ۽ ڪمرشل پراڊڪٽس جو ماحول دوست ذريعو بڻائي سگهجي. ماهيگيري واري شعبي ۾ وڏي برآمداتي صلاحيت موجود آهي، جنهن کي اڃا تائين استعمال نه ڪيو ويو آهي. پاڪستاني مهاڻن وٽ مڇيون پڪڙڻ ۽ ذخيرو ڪرڻ لاءِ جديد اوزارن ۽ ٽيڪنالاجي جي کوٽ آهي، جن جو پورائو ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته  سامونڊي سياحت کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. شپنگ اچ وڃ لاءِ سڀ کان سستو ۽ عالمي واپار جو  ذريعو آهي  وڏي وزير ڪراچي پوليس ۽ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن ۽ سول ادارن کي نمائش لاءِ ضروري انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان بيلجيم جي 8 رڪني پارلياماني وفد ملاقات ڪئي