اسان ماضي مان سکڻ لاءِ تيار ناهيون

0
107
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان جي بدقسمتي آهي ته نه اسان پنهنجي ماضي ڏانهن نهاريون ٿا، نه ئي ان مان سبق سکڻ جي ڪوشش ڪويون ٿا نه ئي وري انهن غلطين کي سڌارڻ جي ڪوشس ڪيون ٿا.اها ڳالهه رڳو ڪنهن هڪ ڌر تي لاڳو نه ئي ٿئي پر اهو اسان جو سماجي الميو آهي جو هر ماڻهو ،هر ڌر ،هر ڪردار انهي مان نڪري نه سگهيو آهي.وقتي مفادن  جي جيري لاءِ اسان ٻڪري ڪهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهيون جڏهن وقت گذري ويندو آهي ته پوءِ هٿ هڻندا آهيون پر وري حال ۾ اهي ئي ساڳيون غلطيون ڪندا رهندا آهيون جنهن ڪري ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌڻ بدران اسان پوئتي پئجي رهيا آهيون. موجوده ملڪي صورتحال به اهڙي  ئي نشاندهي ڪري رهي آهي.

ملڪ ۾ آئين ،جمهوريت ۽ عوام جي نالي سان الاهي ڏينهن کان ڄڻ ته هڪڙو تماشو لڳل آههي پر انهي ۾ ڪٿي به نه آئين ٿو نظر اچي، نه جمهوريت تي عمل ٿو ٿئي نه ئي عوام جي ڪنهن کي پرواهه آهي.جنهن وٽ طاقت آهي جنهن وٽ اقتدار آهي جنهن وٽ اختيار آهي اهو ئي پاڻ کي آئين به سمجهي ٿو ته جمهوريت به، پوءِ اها ڪا سياسي پارٽي هجي يا ڪو اڪيلو فرد. پر اهي اختيار اقتدار کسجڻ کانپوءِ هر ڪنهن کي اهو آئين به ياد اچي ٿو وڃي ته ان کي جمهوريت جو ڏک به کائي ٿو وڃي. پر اقتدار ۾ هوندي اهڙا قدم نه کڻندا آهن جنهن سان اهڙين روايتن کي روڪي سگهجي جيڪي مخالف ڌر ۾ اچي انهن لاءِ ئي نقصانڪار ٿي سگهن. اڳوڻو  وزيراعظم عمران خان هاڻي اهو ساڳيو مطالبو ڪري رهيو آهي جيڪو موجوده حڪمران مخالف ڌر ۾ هوندي ڪري رهيا هئا مطلب نيون ۽ ترت چونڊون، پر نه ان وقت عمران خان مخالف ڌر جو اهو مطالبو مڃيو نه ئي ان وقت ساڳيو مطالبو ڪندڙ هي حڪمران هاڻي جلد چونڊن ڏانهن وڃڻ چاهين ٿا،

جنهن ڪري سياسي ۽ ملڪي نظام ڄڻ ته مفلوج ٿي ويو آهي. پنهنجي مطالبي جي مڃتا لاءِ عمران خان اڄ پشاور کان لانگ مارچ ڪري اسلام آباد پهچڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ اتي تيستائين ڌرڻو لڳل هوندو جيستائين نيون چونڊن جو اعلان نه ٿو ٿئي. جڏهن ته حڪومت وري انهي لانگ مارچ ۽ ڌرڻي کي طاقت جي زور تي روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ڪري ڪالهه کان وٺي پنجاب ۾ وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي ۽ پي ٽي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ حمايتين جي گرفتارين  جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسلام آباد ۾ ريڊ زون کي ڪنٽينر هڻي بند ڪيو ويو آهي. پنجاب ۾ رينجرس کي گهرايو ويو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي اسلام آباد ۾ فوج کي طلب ڪرڻ جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن.جمهوريت ۾ پرامن احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي پر ڪنهن به احتجاج ۾ شهرين جي جان مال جي حفاظت وري حڪومت جي ذميواري ۾ شامل آهي .پي ٽي آءِاعلان ڪري رهي آهي ته انهن جو لانگ مارچ پرامن هوندو جڏهن ته حڪومت کي خطرو آهي ته مخالف ڌر جا اڳواڻ عوام کي جنهن نموني ڀڙڪائي رهيا آهن انهن مان رتوڇاڻ جو خطرو آهي جنهن جو مثال هو اهو ڏئي رهيا آهن ته پنجاب م هڪ پوليس ڪانسٽيبل جي شهادت به اهڙي رويئي سبب ٿي آهي ۽ انهي جي ذميوار پي ٽي آءِ جي قيادت آهي .

اسان سمجهون ٿا ته جنهن نموني جون حالتون پيدا ڪيون ويون آهن ان سان  اڄوڪي لانگ مارچ ۾ ڪنهن وڏي تصادم جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري حڪومت توڙي مخالف ڌر  آئين ۽ قانون ۾ ڏنل احتجاج ۽ اختيارن تائين پاڻ  کي محدود رکن  ته ان مان بچي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن به ڌر ان کي لتاڙيو  يا اورانگهيو ته ان جو نقصان ملڪ ۽ نظام کي ٿيندو.