ڪراچي: سوال جوابن واري وقفي ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته آءِ جي سنڌ وٽ 7 سئو پوليس وين ۽ موبائل گاڏيون آهن جيڪي پوليس ۽ ٿاڻن جي استعمال لاءِ آهن جڏهن ته جيل کاتي وٽ جيل پوليس ۽ قيدين کي آڻڻ واريون گاڏيون هونديون آهن. هن چيو ته پوليس اهلڪار جيڪڏهن موبائل ۾پنهنجي ٻارکي اسڪول ڇڏي ٿو ته ڀلي، باقي اسان اهو ڪم نه ڪندا آهيون جو لينڊ ڪروزر ڪتي لاءِ استعمال ڪيون ۽ ان پويان پوليس جي موبائل پروٽوڪول ۾ هجي. مڪيش ڪمار چاولا وڌيڪ چيو ته ڪجهه سرڪاري گاڏين جو ٽيڪس ادا نه ٿيل آهي اهي گاڏيون آف روڊ آهن، ارباب رحيم جي دور کان ڪجهه مرسڊيز گاڏيون بيٺل آهن، انهن جي بحالي تي ايترو خرچ آهي، جو انهن پئسن ۾ نئين گاڏي خريد ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته 3 مرسڊيز تحفي ۾ مليل آهن، اهي وڪرو نه ڪنداسين،