اسان قائد اعظم ۽ آصف علي زرداري جي اصولن تي هلنداسين: مراد علي شاهه

0
912

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان قائد اعظم جي ٻڌايل اصولن تي هلنداسين، اڄ متحد ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي اندروني ۽ ٻاهريان خطرا آهن، قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيدي وڏي وزير چيو آهي ته سان ڪورونا وبا جو مقابلو ڪري ڪريا آهيون، ايسٽرن ۽ ويسٽرن بارڊرز تي خطرا آهن، اسان ڪشميري ڀائرن کي نٿا ويساري سگهون، ڪشميري ڀائر ٻن سالن کان ظلم برداشت ڪري رهيا آهن، هن چيو آهي ته اسان گڏجي شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي اصولن تي هلنداسين، ڪووڊ وبا جي ڪري سڄي دنيا پريشان آهي، اسان سڀني کي احتياط ۽ هن بيماري جو مقابلو ويڪسينيشن سان ڪرڻو آهي، عوام کي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ گهرجي، ويڪسين ئي وائرس کان بچاءُ جو حل آهي. هن کان اڳ سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر سنڌ عمران اسماعيل مزار قائد تي حاضر ڀري جهنڊو ڦڙڪايو ۽ گلن جي چادر چاڙهي ملڪي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري، ٻنهي اڳواڻن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به لکيا.