اسان عوام کي رليف نه ٿا ڏئي سگهون: مريم نواز

0
220
اسان عوام کي رليف نه ٿا ڏئي سگهون
اسان عوام کي رليف نه ٿا ڏئي سگهون: مريم نواز

بهاولپور: نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اسان چاهيون به ته عوام کي رليف نه ٿا ڏئي سگهون، آءِ ايم ايف سان معاهدي سبب اسان مجبور آهيون، معيشت بهتر بڻائڻ ۾ سال به لڳي سگهن ٿا

بهاولپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته نواز شريف وطن اچڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي، هو ايندڙ ڪجهه هفتن اندر پاڪستان ايندو

مريم نواز جي ڳالهه ٻولهه دوران نون ليگ جي هڪ عورت ڪارڪن احتجاج ڪيو، مريم نواز کي دانهن ڏيندي عورت چيو ته توهان جي ماڻهن مون کي چماٽون هنيون آهن، مريم نواز عورت کي مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي پاڻ سان گڏ وٺي وئي

مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم  نواز چيو آهي ته نواز شريف وطن واپسي جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ هو ڪجهه هفتن ۾ ملڪ پهچندو

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي مريم نواز چيو آهي ته عمران خان کي اقتدار تائين پهچڻ لاءِ سليڪٽرن جي ضرورت آهي
مريم نواز چيو ته مسلم ليگ (ن) هڪ حقيقت آهي، اسان جو بيان حقيقتن تي ٻڌل آهي، اسان کي ڪنهن جي ضرورت ناهي

مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر چيو ته ڪي پي ۾ 10 سالن تائين گهڙي چور حڪومت ڪئي، تمام گهڻا فنڊ ملڻ باوجود ڪي پي ۾ ڪي به سهولتون ناهن، ڪي پي ڪي جي پوليس اڪيلي بيٺي آهي، واضح ڪيو وڃي ته فنڊز کي ڪيئن استعمال ڪيو ويو؟

هن کي به پڙهندا

پاڪستان ۾ مهانگائي اسان ناهي ڪئي: مريم نواز

شاهد خاقان سان ملاقات ڪنديس: مريم نواز