اسان جي سوال جو جواب ملي سگھندو؟

0
210
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ھڪ طرف برساتي ٻوڏ ماڻھن کان سڀ ڪجھھ کسي ورتو آھي تھ ٻئي طرف انھن جي ووٽن سان چونڊجي اقتدار جا مزا وٺندڙ عوام جي زخمن تي پھا رکڻ بدران ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ وارو ڪم ڪري رھيا آھن.انھي ڏکي صورتحال ۾ تھ عوام اميد رکندو آھي تھ سندن ووٽ سان چونڊيل نمائندا سندن دردن جو درمان ڪندا پر اھي تھ مورڳو مھڻا ۽ طعنا ڏئي رھيا آھن ۽ انھن جي مصيبتن تي مذاق بڻجي رھيا آھن.ڪجھھ وقت اڳ ٻوڏ متاثر علائقن جو ٻيڙي ذريعي دورو ڪندڙ  ھڪ صلاحڪار صاحب ٻڏندڙ ماڻھن سان ھٿ ملائڻ بدران انھن کي پري ٿيڻ جا اشارو ڪري رھيو ھو تھ وري صحافين سان ڳالھائيندي ٻوڏ وارن علائقن کي اٽلي جي شھر وينس سان ڀيٽ ڏئي رھيو ھو.جڏھن تھ عوام جي ووٽن سان چونڊيل ميمبرن جي ايوان جو نگھبان وري انھي ٻوڏ کي عوام جي عملن جو نتيجو قرار ڏئي رھيو ھو.ڪالھھ وري سنڌ جي وڏي وزير ۽ انھي ساڳئي صلاحڪار صاحب اھڙا بيان ڏنا آھن جنھن سان ھڪ طرف عوام جا ڦٽ تازا ٿي ويا آھن  تھ ٻئي طرف ڄڻ  اھي پنھنجي ذميواري ۾ غفلت جو اڻ سڌي طرح اظھار بھ ڪري رھيا آھن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه چيو آهي ته  سنڌ ۾ برساتن کانپوءِ ڪجهه ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي امداد لاءِ واجهائي رهيا آهن، ڪنهن تي الزام نه ٿو هڻان، اسان ئي هنن کي امداد جو عادي بڻايو آهي.ھوڏانھن وڏي وزير جي صلاحڪار منظور وساڻ ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو، جنهن دوران هُن چيو ته سنڌ ۾ ڊرينيج نظام بهتر هجي ها ته برساتون ايتري تباهي نه مچائين ها، منظور وساڻ چيو ته سنڌ ۾ واهن جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ سم نالا اوور فلو ٿيڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي. برساتن کان اڳ بھ شايد اسان جي عوامي نمائندن کي موسميات کاتي جي واضح اڳڪٿين باوجود اندازو نھ ٿيو تھ برساتي ٻوڏ جو ڪيترو وڏو خطرو آھي جو انھي کان بچاءَ لاءِ اڳواٽ اپائن تي ڌيان نھ ڏنو ويو جو نقصان کي گھٽ کان گھٽ ڪري سگھجي ھا. ھاڻي بھ ايئن ٿو لڳي تھ ھيڏي وڏي تباھي کانپوءِ انھن کي ڳالھھ سمجھھ ۾ نھ ٿي اچي يا عوام جي اھنجن جو ھنن کي اندازو ئي ناھي جو اھي اھڙي قسم جون ڳالھيون ڪري رھيا آھن.جڏھن سڄي سنڌ مان بک ۽ بيمارين سبب روز درجنين ماڻھن جي مرڻ جون خبرون رپورٽ ٿينديون ھجن ڇا ان وقت سنڌ جي چيف ايگزيڪيوٽو کي اھڙو بيان ڏيڻ جڳائي ٿو تھ ماڻھو پنھنجا ڪم ڪار ڇڏي امداد لاءِ وجھائي رھيا آھن۽ اسان ئي ھنن کي امداد جو عادي بڻائي ڇڏيو آھي. ڇا سنڌ حڪومت ٻڌائي سگھي ٿي تھ ھن وقت جڏھن ماڻھن جو سڀ ڪجھھ لڙھي ويو آھي گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن ۽ ڪيترا خاندان تھ پنھنجي پيارن جا ٻوڏ ۾ لڙھندر لاش کڻي رھيا آھن يا بک ۾ مري ويلن  کي دفنائڻ لاءِ  خشڪ زمين ڳولي رھيا آھن تھ ڇا اھي رڳو پنھنجي حڪومت کان ٻن ويلن جي امداد جو بھ آسرو يا اميد نھ ڪن، جن وٽ روزگار لاءِ ڪجھھ بچيو ئي ناھي. سنڌ سرڪار جنھن ٽئڪس جي پئسن تي ھلي رھي آھي ۽ ھي وزير مشير جيڪي رعايتون ۽ آرائشون حاصل ڪري رھيا آھن اھو پئسو انھي عوام جي کيسي مان ئي نڪتل آھي جنھن کي امداد جو عادي ھئڻ جا طعنا ڏنا پيا وڃن.ٻئي طرف وري وڏي وزير جو صلاحڪار فرمائي رھيو آھي تھ جيڪڏھن ڊرينيج جو نظام ٺيڪ ھجي ھا تھ شايد ايڏي تباھي نھ اچي ھا،اھو صلاحڪار صاحب انھي سوال جو جواب ڏئي سگھي ٿو تھ ڊرينيج ٺيڪ ڪرڻ ڪنھن جي ذميواري ھئي جتي سندن پارٽي چوڏھن سالن کان حڪمران بڻيل آھي ڇا اھا بھ عوام جي ڪوتاھي آھي جو  ڊينيج جو نظام ٺيڪ  نھ ھو.؟

اسان سمجھون ٿا تھ حڪمران ڪھڙا بھ ھجن انھن جي نفسيات ساڳي ھوندي آھي بلڪ انھي بادشاھھ جي قصي وانگر جنھن عوام جي احتجاج تي پڇيو ھو تھ اھي احتجاج ڇو پيا ڪن، تھ کيس ٻڌايو ويو تھ اٽو ناھي ،جنھن جي جواب ۾ ھن وراڻيو تھ اٽو ناھي تھ ماڻھو ڪيڪ ڇو نھ ٿا کائين،سو ھي حڪمران سمجھن ٿا تھ عوام امداد جو عادي ٿي ويو آھي ۽ ڊرينيج نظام ٺيڪ نھ ھئڻ ڪري تباھي ٿي آھي. اسان جا ٻئي معزز عوام جا نمائندا اھو ٻڌائي سگھن ٿا تھ عوام کي روزگار مھيا ڪرڻ۽ ڊرينيج ٺيڪ ڪرڻ ڪنھن جي ذميواري آھي جو عوام امدا د جو عادي نھ ٿئي ھا ۽ ڊرينيج نظام تباھي نھ ڪري ھا.؟