نوان جتوئي (ن پ ا) نوان جتوئي اڳوڻي وفاقي وزير جي ڊي اي اڳواڻ ۽ نيشنل پيپلز پارٽي چيئرمين غلام مرتضيٰ خان جتوئي ۽ نوجوان قيادت شاھنواز خان جتوئي پنھنجي گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته مڪاني چونڊن ۾ اسان جي بيھاريل اميدوارن سان مقابلو ڪرڻ بدران اسان جي انھن حمايتي اميدوارن جا فارم بنا جواز رد ڪيا پيا وڃن جيڪا بي واجبي آھي ۽ اھو عمل ھرگز برداشت نه ڪيو ويندو،  آر اوز ۽ اي آر اوز ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪري رھيا آھن ۽ اھي حڪومتي ڌر جا مددگار بڻيل آھن جنھن اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، وقت بلدجندو رھندو آھي سڀني کان ڪيل ناجائزين بي واجبين جو حصاب ڪتاب پاڻ عوام وٺندو، ھنن وڌيڪ چيو ته پوري ضلعي ۾ اسان پنھنجا اميدوار بيھاريا آھن جيڪي عوام جي خدمت ڪندڙ آھن جن جو مقابلو ڪرڻ بدران حڪومتي ڌر جا ماڻھو آر اوز ۽ اي آر اوز سان ملي انتقامي بنياد تي بنا جواز فارم رد ڪرائي رھيا آھن ھنن چيو ته اسان جي صبر ۽ خاموشي کي ڪمزوري نه سمجھيو وڃي ۽ اھو عمل ڪنھن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو.