لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته اسان پنجاب ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان جو جوڙيل نگران وڏووزير هلڻ نه ڏينداسين، عدالت وينداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب ۾ جڏهن به چونڊون  ٿينديون اسان ڀرپور مقابلو ڪنداسين، اسان کي اليڪشن ڪميشن جي نيت ۽ سوچ جي خبر آهي، اليڪشن ڪميشن ته روز عمران خان خلاف ڪيس ٺاهي رهيو آهي. هن عمران خان کي قائداعظم کانپوءِ وڏو اڳواڻ قرار ڏيندي چيو ته عمران خان جڏهن غلطي ڪندو آهي ته اسان کيس روڪيندا آهيون پر جڏهن دشمن غلطي ڪري ته ان کي روڪڻ نه گهرجي ان کي ٻڏڻ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته نوازشريف جي واپسي جي باري ۾ ن ليگ وارن کان پڇو.