لاهور (اسپورٽس نيوز) فهيم اشرف سريلنڪا جي دوري ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فهيم اشرف چيو ته اسان جا رنگ ڏسي اندازو لڳايو ته ڪيتري محنت ڪري رهيا آهيون، سخت گرمي ۾ اسان ڪنڊيشننگ ڪيمپ ۾ شرڪت ڪئي، هاڻي سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ ريهرسل شروع ٿي رهي آهي، تياري ڪري رهيا آهيون، سٺن نتيجن لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته هميشه ڪوشش رهي آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي ۽ بهترين پرفارم ڪري پنهنجي سليڪشن کي درست ثابت ڪريان. فهيم اشرف چيو ته پي ايس ايل ۾ بابراعظم کي بالنگ ڪرڻ آسان نه هئي، هر ڪپتان جو پنهنجو مزاج هوندو آهي. اهڙي صورتحال اچي ويندي آهي جو ڪپتان کي رانديگرن کي دڙڪا به ڏيڻا پوندا آهن. پر پيار به ڪندو آهي.