اسان جا هاري موھن جو دڙو وارا طريقا استعمال ڪري رهيا آهن: وزيراعظم

0
359
وزيراعظم جو سنڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪسان ڪارڊ جاري ٿيڻ سان ماڊرن ايگريڪلچرل جي طرف وڃي رهيا آهيون، خوشي آهي ته پنجاب حڪومت هارين لاءِ انقلابي قدم کنيا، اسان جي دور ۾ هارين کي 500 روپيا اضافي مليا، ٻن سالن ۾ ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس 500 روپيا وڌي، ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ڪسان ڪارڊ جي ذريعي هارين کي قرض ملندو، فصلن جون قيمتون ڪرڻ تي به ڪسان ڪارڊ جي ذريعي انهن جي مدد ڪنداسين، جيترو هاري مضبوط ٿيندو اسان پنهنجي ملڪ کي مضبوط ڪنداسين، هن چيو آهي ته جڏهن فصل خراب ٿئي ٿي ته هارين جون حالتون خراب ٿين ٿيون، پاڻي جي ڪمي جي ڪري زرعي پيداوار گهٽ ٿي وڃي ٿي، ٻه ڊيم ٺاهي رهيا آهيون جن مان هارين کي وڌيڪ پاڻي ملندو، هن چيو آهي ته چين سان ڳالهيون ڪري ايگريڪلچر کي سي پيڪ ۾ کڻي آياسين، ايگريڪلچر ۾ چين جي ٽيڪنالاجي کان فائدو کڻنداسين، ريسرچ انسٽي ٽيوشن کي بهتر ڪري رهيا آهيون، هن چيو آهي ته اسان جا هاري 5 هزار سال پراڻو موئن جو دڙو وارا طريقا استعمال ڪري رهيا آهن، اسان هنن کي جديد ٽيڪنالاجي جي طرف وٺي وينداسين، ٽيڪنالاجي جي طرف وڃڻ سان ڪرپشن هيٺ ايندي رهندي، هن چيو آهي ته هڪ ٻن سالن ۾ تبديلي نظر ايندي، پاڪستان ۾ هن سال ڪڻڪ جي پيداوا جو رڪارڊ ٽٽي ويندو، اسان 25 ڪروڙ ڊالر کير ۽ شين جي ايڪسپورٽ سان ڪمائي سگهون ٿا.